حڪيم فضل محمد

حـڪـيم فضل محمد: مولانا فضل محمد 1268هه/1851ع ڌاري محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر نوشهري فيروز ۾جنم ورتو. ابتدائي ۽ ديني تعليم پنهنجي شهر اندر ’قاضين جي محلي‘ واري مدرسي مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ علم ڳوٺ فيض محمد آگري تعلقي ميهڙ جي مشهور عالم مولانا محمد آگري کان پرايائين. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد نوشهري فيروز موٽي اچي ’قاضي مداحين‘ کان علم طب پرايائين. ان بعد پنهنجي محلي ۾ موجود قديم مسجد کي آباد ڪري ان جي حجري ۾ پنهنجو مدرسو قائم ڪري درس و تدريس ڏيڻ لڳو، جيڪو سندن وفات تائين جاري رهيو.
مولانا فضل محمد پڙهائڻ سان گڏ حڪمت جو ڌنڌو پڻ ڪندو هو، ساڳئي وقت خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿي عملي سياست ۾ داخل ٿيو. پوري ساهتي پرڳڻي ۾ انگريزن جي خلاف تحريڪ کي زور وٺايائين ۽ جلسا منعقد ڪرايائين. انگريزن جي خلاف جيڪي فتوائون نڪتيون، انهن تي هن جي به صحيح آهي. هن 1343هه/ 1924ع تي وفات ڪئي.


لفظ حڪيم فضل محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو